سليم هالائي

سليم هالائي

سليم هالائي

سليم هالائي: شاعر، نثر نويس ۽ صحافي سليم هالائيءَ جو پورو نالو قاضي عبدالحئي ولد حاجي سليم الدين ابڙو هو. هن 12 نومبر 1918ع تي هالا ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هالا ۾ حاصل ڪري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان پاس ڪيائين ۽ پوسٽ ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. بعد ۾ انسپيڪٽر آف پوسٽ آفيسز ٿيو. ڪراچيءَ مان بي. اي، ايل. ايل. بي پاس ڪيائين، بعد ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ پڻ نوڪري ڪيائين، جتان انڊيانا يونيورسٽيءَ ۾ سمعي ۽ بصري تعليم جي شعبي ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين. پاڪستان واپس اچي سنڌيءَ ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ڪجهه وقت بي. ايڊ ڪاليج سکر جو پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع کان 1965ع تائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي خواهش تي ’سروري اسلاميه ڪاليج‘ هالا جو پرنسپال ٿي رهيو. اتان واپس انفرميشن کاتي ۾ ويو، جتان 1 مئي 1988ع تي رٽائر ٿيو ۽ هالا ۾ سليم هوميوپيٿڪ دواخانو کوليائين. سليم صاحب سٺو شاعر، اديب، نثر نويس ۽ صحافي هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو پهريون ڪتاب ’بهارِ طالب‘ به سندس ترتيب ڏنل آهي. ان کانسواءِ ’تذڪره شعراءِ هالا‘، ’شڪوه سنڌ‘ ۽ انعام يافته ڪتاب ’گل بانو‘ لکيائين. عمر جا پويان 15 سال ديني خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجو ڪلام ضايع ڪري ڇڏيائين. سليم هالائي، 23 آگسٽ 1992ع تي وفات ڪئي.


لفظ سليم هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.11.12  عيسوي

شاعر، نثر نويس ۽ صحافي سليم هالائيءَ جو پورو نالو قاضي عبدالحئي ولد حاجي سليم الدين ابڙو هو. هن 12 نومبر 1918ع تي هالا ۾ جنم ورتو.


1992.08.23  عيسوي

سليم هالائي، 23 آگسٽ 1992ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان فقير
حامد الله ’حامد‘ تنيو
اويڙ پلي
پير ابراهيم شاهه، رام ٻاراهو
دايو غمدل فقير
اميربخش امير قريشي
خير شاهه 1
ابو ضلع السندي
صابر موچي
سائل خواجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون